زخمي چانڊيو

زخمي چانڊيو

چانڊيو زخمي

چانڊيو، زخمي: سنڌ جي مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيي جو اصل نالو ڄام خان ولد مولابخش چانڊيو هو. هيءُ پهرين مئي 1961ع تي ڊکڻ، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. هيءُ هڪ ئي وقت اعليٰ پايي جو شاعر، استاد، قومي ڪارڪن ۽ سماج سڌارڪ هو. پرائمريءَ کان اٺين ڪلاس تائين گورنمينٽ مڊل اسڪول علي خان ۾ پڙهيو، مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڊکڻ مان ڪيائين. هاير سيڪنڊري اسڪول شڪارپور مان انٽر ڪرڻ بعد ڊسمبر 1979ع کان تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. ان دوران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري مان ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۾ ڪـري ورتـائيـن. 1984ع کان شـاعـري ڪيائين. شاعريءَ ۾ نامور شاعرن نـثـار بـزمي ۽ سـرڪـش سـنـڌيءَ کان اصـلاح ورتـائيـن. سندس شاعريءَ ۾ رومانوي رنگ به آهي، پر مجموعي طرح سندس شاعري ڌرتيءَ جي پيار سان سرشار ۽ مزاحمتي آهي. 1991ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ جو بنياد وڌائين. سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جو ضلعي رابطا سيڪريٽري به رهيو. ان کان سواءِ سچوا سنڌ جو مرڪزي نائب صدر ۽ مرڪزي سيڪريٽري، آل سنڌ ريسورس پرسن تنظيم جو مرڪزي اڳواڻ، استادن جي تنظيم گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جو پريس سيڪريٽري ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو نهايت سرگرم ڪارڪن رهيو. 1996ع کان لاڙڪاڻي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. زخميءَ جي مزاحمتي شاعري پڙهڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪري کيس جيل به اماڻيو ويو، پر هو پنهنجي مزاحمتي رنگ کان باز نه آيو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ مشاعرن ۾ شرڪت ڪري، پنهنجي سُر ۽ مزاحمتي رنگ سبب داد حاصل ڪندو رهيو. سندس شاعريءَ عوامي رنگ جي هجڻ سبب ڪافي مقبوليت ماڻي ۽ سندس شاعريءَ کي سرمد سنڌيءَ سميت سنڌ جي ڪيترن فنڪارن ڳايو آهي. هن جو واسطو سائين جي. ايم. سيد جي فڪري واٽ سان هو. شروع کان وٺي آخر تائين آدرشي انسان رهيو. پيشي جي لحاظ کان هاءِ اسڪول ۾ استاد رهيو. هو سرگرميءَ سان جدوجهد جو نه رڳو قائل رهيو، پر ان تي عمل پيرا به رهيو. ڪافي وقت تائين تعليم کاتي ۾ سپروائيزر رهيو. طبيعت ۾ ارڏائيءَ سبب کاتي جي اعليٰ عملدارن سان هميشه اختلافن ۾ رهيو، جنهنڪري کيس مختلف شهرن جي اسڪولن ۾ بدلي ڪيو ويندو هو. ان تي هن سيڪريٽري تعليم خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس به وڌو ۽ ٽن مهينن جي دربدريءَ بعد شيخ زيد هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو. هن پنهنجي ڳوٺ جي نياڻين کي پڙهايو ۽ جواب پور جهڙي قبائلي ذهنيت واري ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جو اسڪول کولرائي، هڪ نياڻيءَ کي اُستاد مقرر ڪرايو، پر قبائلي ذهنيت رکندڙ سندس عزيزن ان جي مخالفت ڪئي. اهڙن عملن جي ڪري زخمي چانڊيو، 24 آڪٽوبر 2000ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڏينهن ڏٺي جو اسڪول ڏانهن ويندي هٿياربندن هٿان شهيد ٿي ويو.
زخمي چانديي کي سنڌي ادبي سنگت مرڪز طرفان بهترين رابطا سيڪريٽري طور ’سدا حيات فهيم فاروق عباسي‘ اوارڊ، سچوا مرڪز طرفان ’بهترين سماجي اڳواڻ‘، استاد بخاري ادبي فورم، لاڙڪاڻي پاران ’استاد بخاري اوارڊ‘ سميت کيس ٻيا به ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مڃتا طور مليا.
زخميءَ جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: (1) شهر شهر زخمي (سال: 2001ع) ۽ (2) ڏاڍو ساريندين (سال: 2004ع) شايع ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.05.01  عيسوي

سنڌ جي مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيي جو اصل نالو ڄام خان ولد مولابخش چانڊيو هو. هيءُ پهرين مئي 1961ع تي ڊکڻ، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.


2000.10.24  عيسوي

زخمي چانڊيو، 24 آڪٽوبر 2000ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڏينهن ڏٺي جو اسڪول ڏانهن ويندي هٿياربندن هٿان شهيد ٿي ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٺٽوي نيازي
فقير شير خان جتوئي شائق
خضراڻي ميان بيگ انڍڙ
شبنم گل
ڏاهري عبدالرحيم
ڀڳواناڻي سترامداس ڪيولرام
حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي
عبدالغفور شاهه تقوي سيد
زين العابدين ٺٽوي سيد
انور شعور
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون